سيگهي/ سرنگهه بلا

سيگهي/ سرنگهه بلا

سيگهي سرنگهه بلا

سيگهي/ سرنگهه بلا (Sand Snake/ Psammophis Leithii): هيءُ هڪ بلا جو قسم آهي. هن بلا جي ڊيگهه 0.75 ميٽر کان 0.80 ميٽر ٿئي ٿي، هن جو رنگ هلڪو هيڊو، گِهرو ڀُورو يا ميٽوڙو هوندو آهي. هن جي مٿي تي هڪ خاص توازن سان نشان ٿين ٿا. ان کي هڪ ڪاري ليڪ نڪ کان اکين تائين ٿئي ٿي. هن بلا جي پيٽ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ان جي جسم تي منڍيءَ کان وٺي پڇڙي تائين چار اڇيون ۽ ڪاريون پٽيون ٿين ٿيون. هن بلا کي فقط رنگ ۽ چٽن جي بنياد تي سڃاڻي نٿو سگهجي. هن جي چڪ هڻڻ سان زخم ۾ پوسر ۽ ساڙو ٿيندو آهي، زخم ۾ سوڄ گهٽ ٿيندي آهي. هن بلا کي وات ۾ ڏندن جون هڪ جهڙيون قطارون ٿينديون آهن. هيءَ بلا آنا ڏيندي آهي، پر آرو نه ڪندي آهي. هن خاندان ۾ اڇن پٽن واري سرنگهه بلا به ٿيندي آهي.
سنڌ ۾ ڌٻڻين وارن علائقن ۾، مٿي يا وارياسي علائقي ۾ ۽ جبلن ۾ جتي جتي ٻوڙا وغيره هجن اتي ٿئي ٿي. هيءَ ڏينهن جو سرگرم هوندي آهي. اڪثر وڻن يا ٻوڙن تي چڙهي ويندي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ بلا رفتار ۾ تمام تيز آهي، پر خطرو سامهون اچڻ تي بلڪل بي حرڪت بيهي رهندي آهي، جيئن ئي خطرو ٽرندو ته، تيزيءَ سان غائب ٿي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو